اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏک??يل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏک??يل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، در??ن جي بلندي ۽ ڏک??يل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.