اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته روسي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ?? سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته روسي واپاري پاڪستان ?? سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته روس توانا??ي جي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ته روس پاڪستان ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لا??مي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.