اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته شهباز شريف پاران براڊ شيٽ جي مالڪ جيڪو پاڻ نيب جو ڏوهاري آهي، جي گواهي تي پري?? ڪانفرنس سندس بوکلاهٽ جو اظهار آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شريف خاندان جي ڪرپشن جو ثبوت انهن جي بئنڪ اڪائونٽس کان وٺي لنڊن جا مهانگي ترين اپارٽمينٽس آهن، ڪيلبري فونٽ جو جعلي حلف نامو يا مر??م جا بيان، هر لفظ ڪرپشن لڪائڻ جو بيانيو آ??ي.