اسلام آباد – 25 – مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غزاله سيفي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعت??اد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبر غزاله سيفي وزيراعظم جي قيادت ۽ حڪومت تي مڪمل اعت??اد جو اظهار ڪندي حڪومت جي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ هن پرڏيهي محاذ تي ڪاميابي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ونسل جي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي روڪٿام لاءِ عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. ا?? پي پي/ر – م/ش – چ 17:48