اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??هب??ز شريف پاور سيڪٽر ۾ ترجيحي بنيادن تي سڌارا خاص طور تي بند بجلي گهرن کي به جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ??هب??ز شريف سان پاور ڊويزن واري وفاقي وزير خرم دستگير ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کي پاور سيڪٽر جي سڌارن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ان جي هدايت موجب پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پاور سيڪٽر ۾ ترجيحي بنيادن تي سڌارا خاص طور تي بند رهجي ويندڙ بجلي گهرن کي به جلد کان جلد بحال ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت جاري ڪئي.