اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير عبدالهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن اي??ان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دو??ان پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو اي??ان جي صدر سان ملاقات کانسواءِ ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ اي??ان وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دو??ان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اق??صادي لاڳاپا، اي??ان کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهولتون شامل آهن، ٻئي ملڪ ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو وٺندا جنهن ۾ خاص طور تي افغانستان ??مي?? ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو اي??ان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽاسٽا جو حصو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ اي??ان گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لاڳاپا سراسري اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.