اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿي?? تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ت??قي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الل?? تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.