سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪ??نفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مو??ب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مير واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪ??نفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مير واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪ??ي آهي ??نهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه ائين لڳي ٿو ته ڪل جماعتي حريت ڪ??نفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ??ه اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمير جي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.