دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفيشل مئچ بال ”الريحلا“ پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيفا ورلڊ ڪپ اسٽيڊيم 974 جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزي??اع??م کي روڊ ڪپ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. اسٽيڊيم پهچڻ تي وزي??اع??م کي اسٽيڊيم جو گائيڊيڊ دورو ڪرايو ويو ۽ کيس فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع جي ميزباني جي لاءِ قطر جي حڪومت پاران ڪيل وسيع تيارين بابت ٻڌايو ويو. وزي??اع??م دنيا جي سڀ کان وڏي راندين جي ايونٽ جي لاءِ جديد ترين سهولتون قائم ڪرڻ ۾ قطر جي ڪوششن کي ساراهيو. هن فٽ بال اسٽيڊيم جي شان ۽ شوڪت ۽ ان سان واڳيل سهولتن کي ساراهيو جنهن ۾ قطري ثقافت ۽ سڃاڻپ جي عڪاسي ڪئ?? وئي آهي. وزي??اع??م قطر جي عوام ۽ قيادت کي مگا ايونٽ منعقد ڪرڻ ۾ شاندار ڪامي??بي جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م ورلڊ ڪپ بابت بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستانين کي ان حقيقت تي فخر آهي ته فٽ بال ”الريحلا“ فيفا ورلڊ ڪپ قطر 2023ع ج?? آفيشل مئچ بال پاڪستان ۾ ٺاهيو ويو آهي.