اسلام آباد – 20 – ??يب??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپار ۽ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چي??بر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چي??برز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ترقي ڏئي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ايس ايم ايز کي ترقي ڏئي ان سان روزگار پيدا ڪرڻ ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. صدر چي?? ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چي?? ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوانآبادي مان فائدو کڻندي مختلف مهارتن سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي انهن کي هنرمند بڻائڻ گهرجي. هن چي?? ته 2 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب آءِ ٽي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چي?? ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن جن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ماضي ۾ ٽيڪنالاجي ج?? ميدان ۾ ڪافي پٺتي رهيو پر هاڻي ان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي لاءِ عورتن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي لازمي آهي، پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. هن چي?? ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان ا??تص??دي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن چي?? ته فيس بڪ ۽ ٻيا ادارا عورتن کي ڊيجيٽل ٽولز جي ذريعي تربيت يافته بڻائي رهيا آهن جنهن جو مقصد انهن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. صدر چي?? ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي ج?? ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب کي راولپنڊي چي??بر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر طارق محمود جدون ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته واپاري برادري ملڪ جي ا??تص??دي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، واپارين دهشتگردي، ڪورونا وبا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت کي عالمي معيار سان هم آهنگ بڻائينداسين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مهانگائي جي تدارڪ جي لاءِ حڪومتي سطح تي قدمن جي ضرورت آهي. ان کان اڳ صدر واپار جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.