ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿ??ن ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي ايئر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور ک??ن ڪراچي لاءِ اڏام ڀر?? هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ ک??ن ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ واقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿ??ن ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ ع??لي جا 8 ڄڻا شامل هئ??. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ??عد دونهين جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.