اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو پاڪستان کي تيز ترين تعمير ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو، پاڪستان جو معاشي مستقبل سي پيڪ جي جاري منصو??ن جي تڪميل سان ڳنڍيل آهي، هو آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي چيني ڪمپني گيزوبا سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. 700 ميگاواٽ جي آزاد پتڻ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ج?? تعمير لاءِ چين جي گيزوبا گ??وپ سان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون