اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار ??اري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صنعت ۽ ڪاروبار ??تاثر ٿيو آهي پر اسان وبا جي دوران سپلائي چين کي بحال رکيو ته جيئن مارڪيٽ ۾ ڪنهن قسم جي کوٽ نه ٿئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته حڪومب وبا جي دوران ڪاروبار، صنعت ۽ تعميرات جي شعبن کي بروقت کوليو ۽ ڪاروباري شعبي کي رليف ڏنو ويو جنهن تحٽ 30 کان 35 لک ايس ايم ايز جي بجلي ج ابل معاف ڪيا ويا جنهن سان ملڪ جا اڪثر ڪاروبار ??ستفيد ٿيا آهن، هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت نه رڳو ٽيڪس فري بجيٽ ڏنو آهي پر پهرين کان موجود ٽيڪسن جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو آهي، هزارين مصنوعات تي ڪسٽم ڊيوٽي?? ختم ۽ سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ به مراعتون ڏنيون ويون آهن، وفاقي حڪومت ت??ميرات جي شعبي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرايو آهي جنهن سان نه رڳو تعميرات جو شعبو پر ذيلي صنعتن ۾ به بهتري ٿي آهي ۽ مون سون کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ ا??افو ٿيندو، هن چيو ته حڪومت گذريل ٻن سالن جي دوران ٻه نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن ۾ اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ موبائيل مينوفيڪچرنگ جون پاليسيون شامل آهن.