اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مل??ي ترقي جو راز پا??ليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پا??ليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سموريون سياسي پا??ٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پا??ٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پا??لياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورو??ا وبا جي باوجود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياسي پا??ٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.