اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان جي قيادت ۾ ا??ليتن کي سڀني حقن ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اقليتن کي شهري حيثيت ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ ڀر??ور ڪردار ادا ڪرڻ جا سڀئي مو??عا حاصل هوندا، اقليتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ ا??م حيثيت رکي ٿي. اقليتن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ م??لڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ هر طرح جي فرق کانسواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي بنيادي گهرج آهي، اسان جي آئين ۾ به ان اسلامي اصول کي پوري طرح شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مو??وده حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جمهوري روايتن جي فروغ لاءِ مذهبي هم آهنگي جي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو.