اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??رل??امينٽ مان منظور ٿي?? چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ??ڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان ص??ر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پ??رل??اماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پ??رل??اماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران ص??يح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.