اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??ران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي، اسان ??ها??ري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، عمران خان اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اسان ڄمي بيٺل رهياسين ۽ سر??رو ٿياسين ڇ?? ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪئي، امانت سمجهي عوام جي خدمت ڪئي ۽ ??ها??ري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ناحق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تص??يرون شيئر ڪندي چي?? ته هي تص??يرون جرئت، ??ها??ري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عمران خان جي فسطائيت، بدترين سياسي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون آهن. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ سر??رو ٿي. هن چي?? ته عمران خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇ?? ته انهن کي خبر آهي ته توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ايجنٽ، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم اورنگزيب چي?? ته عمران خان ۽ ان جي جٿن ملڪ تي لشڪرڪشيءَ ڪئي ۽ ڪرائي، اسان سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم اورنگزيب چي?? ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عمران خان اسان جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چي?? ته عمران خان ۽ ان جي هٿياربند جٿن تي قومي ۽ حساس عمارتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چي?? ته اسان جون ڌيئرون ڀينرون عمران خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عمران خان مريم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چي?? ته عمران خان اسان بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم اورنگزيب چي?? ته هي تص??يرون توهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تص??يرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون جيل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي جيل ۾ وڌو ڇ?? ته اهي توهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وير چي?? ته اهو فرق هوندو آهي حقيقي ۽ مصنوعي سياسي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي اصل سياسي پارٽي ۾ ۽ سياست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربند جٿن ۾. هن چي?? ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سياسي قائدين سياسي مخالفت ڪئي پر عمران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان سياسي مخالفن، ميڊيا سان دشمني ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ته ع??ران خان رياست سان دشمني ڪئي پر اسان ??ها??ري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تص??يرون پڻ شيئر ڪيون جن عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.