اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن روانگي واپارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيد??، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مدد??ار س??د ذوالفقار عباس بخاري، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزر??، فشريز، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس موجب وفد روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيرا??ظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيرا??ظم کي ٻڌايو ته حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معاشي عمل ۾ تيزي آئي آهي.