پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جو حيات ??باد اسپورٽس ڪمپليڪس پهچڻ تي وڏي وزير محمود خان، گورنر شاهه فرمان ۽ صوبائي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا استقبال ڪيو، تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شه??دن جي احترام ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. حيات ??باد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي عالمي ڪرڪيٽ جي لاءِ اپ گريڊيشن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، تماشائين جي لاءِ ويهڻ جي لا??ِ جڳهه کي وڌائڻ، ڊيجيٽل اسڪور بورڊ ۽ ??نر?? پبلڪ اسٽينڊ کانسواءِ ٻئي ضروري توسيع ڪم سان اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي جون مئچون منعقد ڪرائي سگهبيون.