اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پ??ڪس??ان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪر??مس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پ??ڪس??ان تي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪر??مس جي موقعي تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغ??م ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي فروغ ڏئي عوام جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ ??رقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.