اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان ??ظام سان ??يصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ??يندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فرا??م ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏ??و، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ??اڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مس??ود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.