اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي ا??وداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ا?? موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي ا??ميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپ??ءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فر??هم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون کي ساراهي ٿو.