اسلام آباد – 14 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاناما پيپرز ۽ براڊشيٽ ڪرپٽ مافيا جي ڪاري ڌن کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هي اسان جي دريافت ناهي پر عالمي انڪشاف آهن. وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊشيٽ جا واقعا ظاهر ڪن ??ا ته ماضي ۾ اين آر او جي ڪري ملڪ کي ڪيئن ناقابل تلافي نقصان پهتو، هن چيو ته ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجا گهر ڀريا ۽ پاڪستان جي عوام کي لُٽيو.