اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اد??ري کي چيو آهي ته بهتر مالي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ بهترين عالمي معيار ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي آڊٽ جي نظام کي مستحڪم بڻايو وڃي، اد??ري جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ ڊي اي جي پي آفيسرن لاءِ بهترين تربيتي پروگرام ۽ خصوصي تربيت جو اهتمام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ڳالهائيندي ڪيو. آڊيٽر جنرل صد?? کي اد??ري ۾ سڌارن جي عمل تي بريفنگ ڏني. هن سرڪاري اد??رن ۾ مالي شفافيت کي يقيني بڻائڻ، احتساب ۾ اضافي ۽ آڊٽ ۾ بهتري لاءِ کنيل قدمن بابت اجاگر ڪيو. بريفنگ ۾ اد??را??اتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل آڊيٽر جنرل آف پاڪستان فرخ حميد ۽ ناڻي واري وزارت وارو سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عامر محمود به موجود هو. صد?? چيو ته بهتر مالياتي انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اد??ري کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. بدعنواني جي خاتمي ۽ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پوري آڊٽ عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻو پوندو.