اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??هي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلا??يا?? جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، ??ها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو ??هي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ??حت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلا??يا?? جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.