اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سينيٽر سيف الله خان نيازي، سيڪريٽري جن??ل عامر محمود ڪياني ۽ سنڌ جو گورنر عم??ان اسماعيل، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اڄوڪي ٿيندڙ چونڊن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال جي روشني ۾ آئنده جي حڪمت عملي تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.