ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان امت جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏن?? آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندشن جو ذڪر ڪندي چي?? آهي ته ??سلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دني?? ۾ ??لامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وقت جي صدر محمد ا??وب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر آهي، تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيات جي اهميت تي به زور ڏنو. ملڪ جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته ??اڪستان جي هٿياربند فوج دني?? ۾ ??فاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن دفاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪي?? آهي جنهن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.