ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عور??ن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ??يلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ??يلوي جي ڊويز??ل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عور??ن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان ??ربت کي ختم ڪرڻ ۽ ??عي??ت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عور??ن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيا?? ڏيڻ گهرجي.