اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون ف??اهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پر??يهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري ل??ءِ ??ڌا??ا جاري آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي جڏهن ته ملڪ جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين ۽ ڪاروباري ۾ آساني ل??ءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪاروباري برادري جي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو واپار ۽ سيڙپڪاري بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کانسواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار واري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ تجويزن جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود ملڪ ۾ ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعتن جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽن جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ مراعتن (جنهن ۾ مشينري ل??ءِ قرض شامل آهن) ۽ ڪاروباري برادري کي ازبڪستان جي واپاري صلاحيت مان ف??ئدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين ملڪن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پهريون ڀيرو ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ انه?? جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي وچ ۾ موجود ويڇي سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽ?? جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪاروباري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ ??ڌا??ن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم ملڪيم عيشت جي مضبوطي ل??ءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون ف??اهم ڪري رهي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري خسارو گهٽ ٿيندو ۽ پر??يهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري ل??ءِ ??ڌا??ا جاري آهن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ايندي. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انه?? جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقاتن جي هدايت جاري ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ترقي ل??ءِ لائحه عمل، زراعت جي ترقي ل??ءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي مراعتون ۽ سهولتون ف??اهم ڪري رهيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪاروباري برداري کي سهولتون ف??اهم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.