اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيليٽرز تي ??وج??د مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 59، ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪ?? دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 625، پنجاب ۾ 19 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 53، اسلام آباد ۾ 3 هزار 89، بلوچستان ۾ 1 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪش??ير ۾ هڪ هزار 667 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 46 هزار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪش??ير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽ?? ڪيسز جو انگ 82 هزار 298 آهي.