اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، پروگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته ” ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذ??يع?? مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن ??ان??وءِ هاڻي 7 شهرن ۾ 16 ٽرڪن جي ذ??يع?? کاڌو ورهايو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذ??يع?? پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃ??، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هز??ر ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هز??ر ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذ??يع?? مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هز??ر کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو. احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آه??، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.