اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر س??امي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صد?? عارف علوي ڊاڪٽر س??امي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض س??ار?? امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر س??امي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر س??امي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي س??ار?? قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ت??ڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.