اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??حتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پل??ن جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته هر انس??ن جي خواهش هوندي آهي ته ??مر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انس??ن جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته ??حتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسي??ن جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائم?? سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاند??ن جي بزرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??نفراسٽرڪچ?? سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن جو خيال رکڻ اس??ن جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪست??ن جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.