اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فر??ر ٿيڻ جي ا??از?? ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور سلمان شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فر?? حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل دولت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجهن اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز دولت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار ??رب??ن روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.