اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سول ۽ فوجداري نظام عدل جي قانون ۾ ضروري تبديلين سان ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي موثر ۽ هن وقت تائين غربت جي پهچ کي يقيني بڻائي رهيو آهي، 1908ع ??ان پوءِ پهريون ڀيرو حڪومت سول قانون ۾ تبديلي آڻي رهي آهي، هڪ صدي پراڻي قانونن ۾ اصلاحاتي تبديلي جي حوالي سان ماض?? ۾ ڪنهن حڪومت نه سوچيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول قانون ۾ سڌارن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته ماضي جي حڪومتن جي انهن قانونن ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو وڏو سبب اشرافيا جو انهن قانونن جي آڙ ۾ قانون جي گرفت ??ان پنهنجي لاءِ راهه فرار جو رستو محفوظ رکڻ هو. هن چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ عدليه آزاد آهي، حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي لاءِ سڌارا کڻي آئي، انصاف جي فوري ۽ يقيني فراهمي جو سڌو سنئون تعلق گورننس جي بهتري سان آهي، هن چيو ته ماڻهن تائين فوري ۽ سستي انصاف جي فراههمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اجلاس کي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ لاڳو ڪيل سڌارن ۽ آئنده جي لائحه عمل تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وراثتي سرٽيفڪيٽ جي فراهمي اسلام آباد ۾ جنوري 2021ع، پنجاب ۽ سنڌ ۾ جون 2021ع ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڊسمبر 2021ع ??ان يقيني بڻائي پئي وڃي، بلوچستان ۾ به ان جي قانون جي منظوري تي تيزي سان ڪم جاري آهي، هن وقت تائين مجموعي طور تي نئين نظام تحت (15 ڏينهن جي مدي ۾) 10 هزار 485 خاندانن وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو، سمنڊ پار پاڪستانين جي وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ 22 ڪائونٽرن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن ۾ 12 ملڪ شامل آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ لاءِ قانون تحت هڪ سال جي ٿوري مد?? ۾ اسلام آباد ۾ 198 مان 136، پنجاب ۾ 810 مان 122 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 421 مان 78 ڪيسن تي فيصلو ڏنو ويو، ڄاڻايل قانون تحت عورتن کي وراثت ?? حصي جي فراهمي يقيني بڻائي پي وڃي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سول نظام انصاف ۽ فوجداري قانونن ۾ اصلاحاتي تبديلين کانپوءِ نه رڳو انصاف جي عمل ۾ تيزي ايندي پر اليڪٽرانڪ ثبوت، اليڪٽرانڪ ايف آءِ آر ۽ ٻين قدمن سان حڪومت جي قانون جي بالادستي ۽ امير ۽ غريب لاءِ هڪ قانون جي منشور کي عملي جامو پارائي سگهجي ٿو. وزيراعظم انهن قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪرڻ، ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ۽ تعاون وڌائڻ ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان ۽ صوبائي وزيرن راجا بشارت، فضل شڪور خان ۽ لاڳاپيل صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.