اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن ??يو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اعتماد جي رٿ اچي رهي آهي، هاڻي جڏهن ته (ن) ليگ کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي و??و آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي اچي بيٺي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو ره??و آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو ره??و آهي.