اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر 6 مهينن ۾ لارج اسڪ??ل مينوفيڪچرنگ ۾ 7.4 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته جڏهن وڏين صنعتن جي پي??اوار ۾ اضافو ٿئي ٿو ته معاشي سرگرمين ۾ به اضافو ٿئي ٿو، جيڪا پائيدار معيشت جي نشاني هوندي آهي، اهي انگ انگ انهن ماڻهن کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ ڪافي آهن جيڪي بنا جواز معيشت جي تباهي جو روڄ راڙو ڪن ٿا.