اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان ڪنهن ڪئمپ پاليٽسڪ جو حصو نه بڻجندو، اسان معاشي ۽ انساني طور تي گروپ سياست جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪست??ن جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪست??ن جا يورپي يونين، آمريڪا سميت دنيا جي سمورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن، علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي، وزيراعظم مناسب وقت ۽ جڳهه تي يوڪرين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، روس يوڪرين تڪرار سفارتي ڪوششن سان حل ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خ??ن جي روسي قيادت سان ملاقاتن ۾ پاڪ روس ڊگهي مدي واري گهڻ رخي لاڳاپن جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان روس سان ڊگهي مدي واري بنيادن تي گئس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پرڏيهي وزارت ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چي?? ته ماسڪو ۾ پاڪ روس قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۾ ??طر??ن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خ??ن جي روسي صدر سان ساڍا ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ ??طر??ن لاڳاپن، علائقائي معاملن خاص طور تي افغانست??ن جي صورتحال ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ?? استحڪام ۽ سلامتي بابت معاملا بحث هيٺ آيا. هن چي?? ته پاڪستان ۽ روس ٻئي افغانستان ۾ امن ?? استحڪام جا خواهشمند آهن. وزيراعظم عمران خان روس جي صدر کي خاص طور تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. روسي صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ ايل اين جي سميت ڪيترن ئي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته وڌيڪ ڌيان نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جيڪو پاڪست??ن جو اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبو سڏرائي ٿو، تي رهيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان پڻ روس جي صدر کي آگاهه ڪيو، روس جي نائب وزيراعظم ۽ توانائي واري وزير سان ملاقاتن ۾ پڻ ??طر??ن لاڳاپن ۽ تعاون وڌائڻ کانسواءِ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ روس کان گئس جي خريداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چي?? ته پاڪستان کي پنهنجي ملڪي ضرورتن لاءِ گئس جي ضرورت آهي ?? اسان روس سان ڊگهي مدي وارن بنيادن تي گئس جي خريداري حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا. پرڏيهي وزي چي?? ته روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل ۾ پڻ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ۽ مون پاڪستان ۽ روس جي بزنس ڪميونٽي جي فورم سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ ۽ واپار جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ بئنڪنگ جي حوالي سان مشڪلاتن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪارائتي رهي. روس جي سيڙپڪارن مارچ جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شموليت ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته وزيراعظم ماسڪو ۾ مسجد جو پڻ دورو ڪيو ات??ن جون سهولتون ڏسڻ وٽان آهن. مفتي اعظم سان ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روس فيڊريشن ۾ اٽڪل 25 ملين مسلمان رهن ٿا. وزيراعظم عمران خ??ن جي روسي قيادت سان ملاقات ۾ افغان صورتحال جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، افغان مسئلي تي روس ۽ پاڪست??ن جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي. روسي قيادت کي ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ انساني الميي ۽ معاشي بحر??ن جا اثر نه رڳو افغانستان پر خطي تي به پوندا. پرڏيهي وزير چي?? ته افغان مسئلي تي 30 ۽ 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ روس سميت افغانست??ن جي ويجهن پاڙيسري ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ روس عالمي خاص طور تي ايس سي او فورمن تي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چي?? ته روسي قيادت سان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي عدم توازن، امن امان ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير چي?? ته وزيراعظم يوڪرين جي حوالي سان پاڪست??ن جو موقف مناسب وقت ۽ مناسب جڳهه تي پيش ڪيو. هن چي?? ته يوڪرين جي صورتحال رات وچ ۾ جنم ناهي ورتو، ??ن جي ڊگهي تاريخ آهي. پاڪست??ن جي پهرين ڏينهن کان اها خواهش رهي آهي ته اهو تڪرار سفارتڪاري جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ نقصان اسرندڙ ملڪن جو ئي ٿئي ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون هن وقت 100 ڊالر کان مٿي ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمتن تي پڻ اثر پوندو. هن چي?? ته سفارتڪاري جا امڪان اڃا به موجود آهن ۽ معاملن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو، تڪرارن ۽ جنگين سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چي?? ته وزيراعظم جي روس جي دوري کان اڳ اسان وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ اڳوڻن سفارتڪارن سميت پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي ۽ روس يوڪرين تڪرار جي پس منظر ۾ دوري جو جائزو ورتو ويو. مشاورت کانپوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته روس سان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو موقعو هٿ مان وڃائڻ نه گهرجي ?? اس??ن جو فيصلو صحيح هو، اس??ن جي ڊپلوميسي اسپيس ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي وزير چي?? ته ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چي?? ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن گروپ جي سياست جو حصو نه بڻجندو. پاڪستان معاشي ۽ انساني طور تي ڪئمپ پاليٽيڪس جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان پاڪست??ن جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين. اس??ن جا يورپي يونين آمريڪا سميت دنيا جي سمورين طاقتن سان بهترين لاڳاپا آهن. علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چي?? ته روس جي دوري کان اڳ آمريڪي رابطا هئا، انهن ”معصومانه“ سوال ڪيو ?? اسان ”مودبانه“ جواب ڏنو. وزيراعظم دوري سان انتهائي مطمئن هو ڇو ته ??ن جا يورپ ۾ نه ته محلات هئا ۽ نه بئنڪ اڪائونٽس، هو پاڪست??ن جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ ويو هو. اس??ن جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ جدت آهي، قوم کي ان ڳالهه تي اطمينان هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪست??ن جا يوڪرين سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن. پاڪستان يوڪرين کي وڏي اهميت ڏي ٿو. روس سان اس??ن جا فوجي لاڳاپا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. يوڪرين ۾ پاڪستاني شهرين ۽ شاگردن جي حوالي سان پرڏيهي وزير چي?? ته اتي سمورا شاگرد محفوظ آهن، اتي پاڪستاني شاگردن جي مارجڻ جي حوالي سان خبر ۾ ڪا صداقت نه آهي. هن چي?? ته منهنجي پاڪستاني سفير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس پاڪستانين جي تحفظ جي هدايت ڏني آهي. پاڪستانين جو تحفظ اس??ن جي اولين ترجيح آهي، اسان ڪيف مان سفارتخاني کي عارضي طور تي پولينڊ جي سرحد ويجهو يوڪريني شهر ترنول منتقل ڪيو آهي ته جيئن پاڪستاني شهرين کي آساني سان پولينڊ منتقل ڪري سگهجي. ملڪي سياست جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چي?? ته مخالف ڌر جي ملاقاتن جو اسان تي ڪو اثر نه پوندو. اڄ ڇنڇر ڏينهن سنڌ حقوق مارچ جي لاءِ گهوٽڪي پهچي رهيو آهيان، بلاول ۽ شهباز شريف تيار ٿي وڃن، بلاول ڀٽو کي هر ڳالهه جو تفصيلي جواب لاڙڪاڻي ۾ ملندو.