اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي، واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي مل??ن ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر جي ملاقات دوران طئي ٿيو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل به موجود هو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي مل???? جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻو پوندو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان قبرص تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي خلاف و??زين، مسلمان?? جي نسل ڪشي ۾ ڀارتي ڪردار ??ي به روشني وڌي. صدر سدائين پاڪستا?? جي حمايت ڪرڻ خاص طور تي ڪشمير تڪرار تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪي??. ملاقات دوران ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن سان عوام جي خوشحالي لاءِ گڏوگڏ علائقائي واپار ۽ رابطن کي فروغ ملندو. ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر يوم پاڪستان پريڊ جي ڪامياب انعقاد تي صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪي هر پليٽ فارم تي پاڪستا?? جي حمايت جاري رکندو، ٻنهي مل???? جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ٻنهي مل???? جي نئين نسل ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي.