اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اخت?? مينگل ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آ??ي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اخت?? مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃي??. ا?? موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.