اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فرمان??وا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏن?? آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري د??ري د??ران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران ش??ندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمان??وا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏن??. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??ڏي?? عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم ??ڏي?? عرب امارات جي د??ري د??ران ولي عهد شهزاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.