اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ?? هن چيو ته شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي ملڪ جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??و، سندس دور ۾ گڏيل ع??ب امارات تيز رفتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ته يو اي اي جي شاهي خاندان ?? عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري ??فاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ع??ا فرمائي.