اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، صحت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزي??اع??م آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزيڪيٽو ڊ??ئريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزي??اع??م کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران س??نوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وزي??اع??م چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پاران س??ڙپڪاري جي ان آڇ جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وزي??اع??م صحت واري وفاقي وزير کي ان حوالي سان فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن س??نوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وزي??اع??م چيو ته م??ڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين س??ڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.