اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طو?? تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي و??ري و??ير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سي??سي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي و??ي، ملاقات ۾ نوابزاده شاهه زين بگٽي و??يراعظم کي سومر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي و??ا تي ضابطو آڻڻ جي ڪامياب آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظم جي انهن قدمن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طو?? تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پيٽ جي و??ا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طو?? تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.