اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لوڊشڊيڊنگ گهٽ ڪ??ڻ جي طريقن ۽ توانائي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، بجلي جي وڌيڪ طلب کي پورو ڪ??ڻ جي لاءِ نصب ٿيل صلاحيت جي کوٽ آهي، سپلاءِ چين ۾ پڻ گيپ آهي ڇو ته پي ٽ?? آءِ ٻا??ڻ جا ڪيترائي معاهدا نه ڪيا، اسان انهن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽ?? آءِ انهن سمورن منصوبن کي چار سالن ۾ نه هلائي سگهي جيڪي پي ايم ايل اين شروع ڪيا هئا. هن چيو ته تريمون ۾ سيمنز جو ايل اين جي پلانٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 61.6 سيڪڙو ڪارائتو پلانٽ آهي ۽ هتي 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پهرين ٽربائن اچي چڪي هئي، اهو پلانٽ اڃا تائين ناهي هلي سگهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قومي سطح تي توانائي واري وزارت پاران انرجي ڪنزرويشن پلان هن مشڪل وقت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي جڏهن بجلي جي کوٽ آهي ۽ تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊي ۾ بلند سطح تي آهن. هن چيو ته فنانس ڊويزن پاران ڪابينا ۾ ڪفايت شعار?? جو منصوبو پيش ڪيو پيو وڃي. ڪابينا ميمبرن سميت سرڪاري عهديدارن جي پيٽرول استحقاق ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪئ?? پئي وڃي.