ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور اح??د پلال چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير کان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ڪيو و??و، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو و??ندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عالمي قانو??ن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آه??، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آ??ادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آ??يني ۽ قانوني حق کان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آ??ادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.