سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانا??ي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير ??يد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير ??ان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪ??هه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پ??ي وڃي، ڪ??هه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي ويو آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر ??با??ه ٿي چڪو آهي، ??با??ه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانا??ي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.