اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني امداد جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات کان هڪ ٻيو جهاز امدادي سامان کڻي ڪا??هه خميس ڏينهن پاڪستان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب امدادي سامان کڻي ايندڙ جهاز جو ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??حنت واري صوبائي وزير سعيد غني استقبال ڪيو. اها متحده عرب امارات کان ايندڙ اٺين اڏام آهي، جيڪا تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستاني عوام جي لاءِ امدادي سامان کڻي آئي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان تعاون ۽ يڪجهتي تي ??اڪستان متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان.