اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدرد?? جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهت?? جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان په??و آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. ??ڏي?? قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديل?? جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.