نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اع??از ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي ??نر?? اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ??زي??اعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي ??زي?? چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان آگاهه ڪيو آهي.